چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ انصاف جو شعبو شامل نه آهي

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ انصاف جو شعبو شامل نه آهي، جڊيشل پاليسي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشن ۽ ترميمن کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.

 اسلام آباد ۾ وفاقي جڊيشل اڪيڊمي ۾ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، جوڊيشل پاليسي تحت ڪيسن اڪلائڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو، جنهن سان انصاف جي تڪڙي فراهمي يقيني ٿي ويندي.

چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ماڊل ڪورٽس قائم ڪرڻ جو مقصد جلد ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ آهي،جج بنجڻ کان پهريان 20 سال وڪيل طور فرض نڀايا آهن.

هن  چيو ته جوڊيشل پاليسي تحت ڪيسن اڪلائڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو،جنهن سان جلد انصاف جي فراهمي يقيني ٿيندي، ڪجهه سالن کان تڪڙي انصاف جي فراهميءَ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو.

چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس قائم ڪرڻ پٺيان هڪ جذبو ۽ عزم هو، پوليس کي ڪيس جي تڪڙي جاچ ڪري چالان پيش ڪرڻ گهرجي.جج ٿيس ته پهرين ڏينهن کان مشن هو ته ڪيسن جا جلد فيصلا ڪري سگهان.

اسان جا جج جيترو ڪم ڪري رهيا آهن، ايترو دنيا ۾ڪوبه نٿو ڪري،ملڪ ۾ مجموعي طور تي ٽي هزار ججز آهن.

هن چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ سال ۾ 80 کان 90 هزار ڪيس اڪلائي ٿي،برطانوي سپريم ڪورٽ ساليانو 100 ڪيسن جا فيصلا ڪري ٿي،پاڪستان سپريم ڪورٽ گذريل سال 34 لک ڪيس اڪلايا.

چيف جسٽس چيو ته فيصلن ۾ دير جي سببن کي ختم ڪرڻو پوندو. قانون چئي ٿو ته فوجداري ڪيس جي جاچ ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي،ان عرصي دوران جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪرڻ لازمي آهي.

هن چيو ته برطانيا ۾ اڄ به ڪيس داخل ڪرڻ تي سال کانپوءِ تاريخ ملندي آهي، ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ ڪنهن سبب جي ڪري وڪيل پيش نه ٿيڻ تي جونيئر کي مقرر ڪرڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس ۾ شاهدن کي پيش ڪرڻ ۾ پوليس جو سهڪار مثالي آهي،جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تي جيل انتظاميا  جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي..

قومي ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جي  هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز، ماڊل ڪورٽسز جي ججز  ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*