ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪرڻ رڳو ڪافي نه آهي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪرڻ رڳو ڪافي نه آهي، ان تي عمل به ڪيو وڃي، ڪراچي جي بهتري لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته جنهن به وڏيري ڪرپشن ڪئي آهي، ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته، ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽِ، تحريڪ انصاف جي هر وڏيري جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته، شيخ رشيد ريلوي جو وزير آهي، کيس ڪراچي ۾ امن ۽ ٻين منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪرڻ رڳو ڪافي نه آهي، ان تي عمل به ڪيو وڃي، سنڌ جي زمين تي مهاجرن جو به حق آهي.

فاروق ستار چيو ته، ڪراچي جي بهتري لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*