سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري عليم خان کي ضمانت ڏيڻ جومطالبو ڪندي

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري عليم خان کي ضمانت ڏيڻ جومطالبو ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جي گوڙ ڪرڻ سبب عليم خان کي  اڻ ڪيل گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته عليم خان جو ڪيس گهٽ سنگين نوعيت جو  آهي،اربين رپيا کائيندڙن کي ضمانت ملي سگهي ٿي ته ڪاروباري شخص کي ڇونه؟

هن چيو ته عليم خان تي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو ڪوبه الزام ناهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان ن ليگ جي اڳواڻن کي ضمانتون ملڻ تي حڪومتي صفن مان به اهڙا مطالبا ڪيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*