ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي، اها اسانجي مجبوري آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري جون حڪومتون چور هيون.

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي، اها اسانجي مجبوري آهي.

هن چيو ته، معاشرو مجموعي طور تي ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، خزاني کي غريب ماڻهن نه لٽيو آهي.

هن چيو ته، نواز شريف ۽ آصف زرداري جون حڪومتون چور هيون، ڳالهيون ڪرڻ آسان آهن پر ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير  چيو ته، سياسي استحڪام بنا معاشي استحڪام نه ايندو، جيستائين معشيت بهتر نه ٿيندي، ملڪ بهتر نه ٿيندو.

شيخ رشيد چيوته، جيڪي چور کي هٽائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن، اهي وڏاڊاڪو نظر ايندا آهن، عمران خان ڪيئن اهڙن معاملن کي حل ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته، هن ملڪ کي بيدردي سان لٽيو ويو آهي، مودي ناڪام ٿي ويو ته اسان جي ملڪ تي ڏکيو وقت ايندو.

ريلوي واري وفاقي وزير  چيو ته، دنيا ۾ مفاد سب کان وڏو رشتو آهي، ريلوي جي آمدني ۾ هر مهيني واڌ ٿي رهي آهي.

شيخ رشيد چيو ته،  ڪاروباري ملڪ هلائيندا آهن ۽ انهن جي ڪري ئي خرابيون ٿينديون آهن، اسمگلنگ رڳو روڊ نه پر ٽرين ذريعي به ٿيندي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*