انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم   سليڪشن لاءِ فٽنس ٽيسٽ سڀاڻي منقعد ڪئي ويندي

انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم   سليڪشن لاءِ فٽنس ٽيسٽ سڀاڻي منقعد ڪئي ويندي، جنهن لاءِ 23رانديگرن کي طلب ڪيوويو آهي.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي شروع ٿيڻ ۾ تقريبن ڏيڍ مهينو بچيو آهي، جنهن لاءِ قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي 23 امڪاني رانديگرن جي نالن تي غور ڪري رهي آهي.

چيف سليڪٽر انضمام الحق جي سربراهي ۾ ڪميٽي جا سمورا ميمبر اڄ کان ويهي سوچيندا ته ڪهڙن رانديگرن تي ٻڌل ٽيم سليڪٽ ڪئي وڃي، جيڪا ميگا ايونٽ ۾ملڪ جي نمائندگي ڪندي.

23مان 22 رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ 15۽16 اپريل تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ منعقد ڪئي ويندي.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم جي 15رانديگرن تي ٻڌل اسڪواڊ جو اعلان 18 اپريل تي ڪيو ويندو۽ ٽيم ميگا ايونٽ لاءِ23 اپريل تي انگلينڊ رواني ٿيندي.

——————-

پاڪستان سپرليگ جي شروع وارن ٻنهي ايڊيشنز ۾ مالي بي قائدگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پي ايس ايل جي شروع وارن ٻنهي ايڊيشنز ۾ لکين ڊالرز جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

پي ايس ايل جي پهرين ۽ ٻئي ايڊيشنز جي اسپيشنل آڊٽ رپورٽ ۾ ڪيتريون بي  قائدگين ۽ فرنچائزز تي خرچ ڪيل وڏي رقم جي خبرون سامهون آيون آهن.

آڊٽ رپورٽ ۾اهو به چيو ويو آهي ته مالي گهوٻين سبب پي سي بي کي لکين ڊالرز جونقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

——————-

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽرافي جي نماءِ واري تقريب اڄ ڪراچي جي هڪ مقامي شاپنگ سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويندي.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽرافي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي.

پهرين مرحلي ۾ ٽرافي جي نماءِ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومي ٽيم جوڪپتان سرفراز احمد خاص مهمان هو.

سرفراز احمد اسلام آباد ۾ ٽرافي هٿن ۾ کڻي فوٽو سيشن ڪيو، جنهن بعد ٽرافي جو گذريل ڏينهن لاهور ۾ نماءِ ڪيو ويو.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽرافي لاهور بعد اڄ ڪراچي آندي ويندي.

ٽرافي جي نماءِ واري تقريب ڪراچي جي هڪ مقامي شاپنگ سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن دوران مقامي فنڪار پنهنجي فن جومظاهرو ڪندا۽ فوڊ فيسٽيول سان گڏ تقريب جي پڄاڻي تي آتشبازي جومظاهرو ڪيو ويندو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسٽار فاسٽ بالر شعيب اختر دلچسپ انداز ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ ٻارن جي وڊيو کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پڻ دلچسپ انداز ۾ ڪرڪيٽ ميچ کيڏندڙ ٻارن جي وڊيو ڏسڻ بعد سندن تعريب ڪئي آهي.

شعيب اختر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل مشهور ايب ٽڪ ٽاڪ تي ٺهيل وڊيو ۾ ٻارن جي پرفارمنس کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.

ڪرڪيٽ ميچز دوران اڪثر رانديگر سلپ ۾ آسان ڪيچز ڊراب ڪندا آهن،  پر سلپ ۾ ڪيچز ڪيئن ڪجن اهو انهن ٻارن کان سکي سگهجي ٿو.

هڪ باغيچي ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي ٻارن سلپ ۾ ڪيچ پڪڙڻ جو اهڙو دلچسپ انداز اختيار ڪيو، جنهن کي ڏسڻ بعد سڀ ماڻهون حيرت ۾ پئجي ويا آهن.

قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شيعب اختر ٻارن جي پرفارمنس کان متاثر ٿي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي.

——————-

ڏکڻ آفريڪي دوري لاءِ پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، بسمعه معروف ٽيم جي قيادت ڪندي، جڏهن ته فٽنس ٽيسٽ پاس نه ڪرڻ تي انعم امين کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

پاڪستان وومن سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه عروج ممتاز ٽيم جواعلان ڪيو.

15رڪني اسڪواڊ جي قيادت بسمعه معروف ڪندي، جڏهن ته ٻين رانديگرياڻين ۾ ناهيدا خان، جويريا روف، سدرا امين، جويريا ودود، عميمه سهيل، ندا ڊار، عاليا رياض، ڪائنات امتياز، سدرا نواز، ثناءِ مير، ناشرا سڌو، ڊيانا بيگ، ايمن انور۽رامين شيميم شامل آهن.

پاڪستان وومن ٽيم 29 اپريل تي جوهانسبرگ رواني ٿيندي، جتي ٽِيم ميزبان ٽيم خلاف ٽي ون ڊي ۽ پنج ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

پاڪستان وومن سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه عروج ممتاز چيو ته کيس اميد آهي ته ٽيم دوري ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان اوپنر فخرزمان گذريل ڪجهه عرصي کان مڪمل طور تي فارم ۾ نه آهي، پر ٻن سالن جي مختصر ڪيريئر ۾ چار ورلڊ رڪارڊز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

فخرزمان پنهنجي ٿوري ڪرڪيٽر ڪيريئر دوران چار عالمي رڪارڊز قائم ڪيا آهن.

فخرزمان وٽ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين هزار رنز مڪمل ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ آهي.

فخرزمان صرف 18اننگز ۾اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو ، ان کان پهرين اهو اعزاز ويسٽ انڊيز جي عظيم بيٽسمين ويوين رچرڊز وٽ هو، جنهن 22 اننگز ۾ هو رڪارڊ جوڙيوهو.

ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڏي اوپنگ پارٽنرشپ  فخرزمان ساٿي اوپنر امام الحق سان گڏ زمبابوي خلاف 304رنز جوڙي قائم ڪئي.

فخرزمان پنج ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ انفرادي طور تي سڀ کان وڌيڪ رنز اسڪور ڪرڻ جو عالمي رڪارڊز قائم ڪيو، جنهن ۾ هن پنج ميچز ۾ 515رنز اسڪور ڪيون.

فخرزمان زمبابوي سيريز جي ٻين ون ڊي ميچ ۾ 117، چوٿين ون ڊي ميچ ۾ 210، جڏهن ته پنجين ون ڊي ميچ ۾ 85رنز جي اننگ کيڏي.

مجموعي طورتي فخرزمان چئن ميچز م 455رنز اسڪور ڪيون ۽صرف هڪ ڀيرو آئوٽ ٿيو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*