ايران کان بارش وسائيندڙ ڪڪرن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي

ايران کان بارش وسائيندڙ ڪڪرن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، صوبي ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي، بارش ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق ڪوئيٽا،قلعه عبدالله ،چاغي،زوب، مستونگ، موسيٰ خيل،لورالائي، بارکان،پشين ۾ بارش جو امڪان آهي.

ٻئي طرف پي ڊي ايم اي ايندڙ هفتي  کان تيز بارشن جي امڪان جو الرٽ جاري ڪندي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ليٽر لکيو آهي، جنهن ۾ سمورين پڪنڪ پوائنٽس تي وڃڻ  تي پابندي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گوادر جي ضلعي انتظاميا شديد طوفاني بارشن جي امڪان کي سامهون رکندي سمورن ماهيگيرن  کي اڄ رات ۽ سڀاڻي سمنڊ تي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*