سانگهڙ ويجهو نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو

سانگهڙ ويجهو نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، فوتي جي وارثن جو چوڻ چوڻ آهي ته نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد وڻ ۾ ٽنگيو ويو آهي.

ڳوٺ اوڍ واسي 22 ورهين جي نوجوان اسحاق جوڻيجو جو لاش ڳوٺ ٻاھران وڻ ۾ ٽنگيل مليو.

اطلاع تي منگلي پوليس موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي قتل ڪري ڦاھي جو ڊرامو ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*