تنگواڻي واسي مغوي غلام مرتضىٰ کوسو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه  ٿي سگهيو

تنگواڻي واسي مغوي غلام مرتضىٰ کوسو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه  ٿي سگهيو، مغوي  جي بازيابي لاءِ سندس وارثن احتجاج ڪيو آهي.

مغوي غلام مرتضيٰ کوسو جي بازيابي لاءِ وارثن شاهه محمد کوسو، شيردل کوسو، اعظم کوسو، عبدالمجيد کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

مظاهرين چيو ته پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي نااهلي جو مظاهرو ڪيو آهي.

 هنن اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوجوان غلام مرتضىٰ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيووڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*