لاڙڪاڻي ۾2 ڀائر گهاڙ واهه ۾وهنجندي ٻڏي ويا، هڪ نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو

لاڙڪاڻي ۾2 ڀائر گهاڙ واهه ۾وهنجندي ٻڏي ويا، هڪ نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، ٻي کي بيهوشي واري حالت ۾ واهه مان ڪڍي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

حسين آباد محلي جا رهواسي 8 سالن جو فيصل مگسي ۽ 10 سالن جو قيوم مگسي گهاڙ واهه ۾ پاڻي جي کڏ اندر وهنجندي ٻڏي ويا.

 واهه ۾ ٻڏي هڪ ٻارڙو فيصل مگسي موقعي تي ئي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر آڻڻ وقت ڪهرام مچي ويو.

واهه ۾ ٻڏي ويل ٻي نينگر قيوم مگسي کي بيهوشي واري حالت ۾ واهه مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جتي سندس علاج هلندڙ آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*