ٿر ۾عذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾عذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 3 ٻار فوت  ٿي ويا، هلندڙ سال دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 253 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ڳوٺ سرنگهو واسي ڪرم وسائي پوٽو جو 14 مهينن جو پٽ وقار ۽ ڳوٺ مالڻهور ويڻا واسي پرڪاش جو هڪ ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويا.

ڳوٺ ڇڇي مورا جي رهواسي امولک جي تازي ڄاول پٽ به مٺي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

 ٿر ۾ هلندڙ سال جي ساڍي ٽن مهينن  دوران  فوت ٿيل  ٻارن جو تعداد وڌي 253 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*