ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون گذريل 9 مهينن کان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون گذريل 9 مهينن کان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، هاڻي ڪو به تماشو نه ڪندس، ريلوي پوليس جون پگهارون وڌائڻ  لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي هيل تائين ڪابه ڊزائين نه ئي وري فزيبليٽي ئي موجود آهي.

ريلوي وارو فاقي وزير شيخ رشيد گذريل ڏينهن ريلوي انجڻ کي باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل ڊرائيور ارشد جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ امدادي فنڊ جي رقم ڏني.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪي مسئلا حل ٿي رهيا آهن، وزيراعظم چيني جي دوري دوران چين سان جوائنٽ ريلوي وينچر لاءِ ايم او يو تي صحي ڪندو.

شيخ رشيد چيو ته ريلو يم وڌيڪ 16  نيون ٽرينون شامل ڪيو نو ينديون هن گذريل 9 مهينن کان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڪوڙ ۽ تماشن جي ڪري ملڪ گهڻو ڀوڳيو اهي هاڻي هو ڪو تماشو به نه ڪندو، ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ هيل تائين ڪو به ڪم نه ٿيو آهي.

شيخ رشيد چيو ته ريلوي پوليس جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ ڪوششون جاري آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*