پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت کي ڪيرائڻ مسئلن جو حل آهي ته پوءِ ڪابه حڪومت قائم رهي نٿي سگهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت کي ڪيرائڻ مسئلن جو حل آهي ته پوءِ ڪابه حڪومت قائم رهي نٿي سگهي،بلاول ڀٽو زرداري ٽرين مارچ ڪري پنجاب اچي اسان سندس آجيان ڪنداسين.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مهانگائي جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن،اسان پنجن سالن کانپوءِ عوام اڳيان پنهنجي ڪارڪردگي رکنداسين…

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ڪوئيٽا ۾ ڪيل آپگهاتي حملي بابت چيو  ته ، جاچ ڪري رهيا آهيون  ته ان پٺيان فرقيورايت آهي يا پرڏيهي هٿ ملوث آهي، هن چيو ته  19 مئي تائين اسان کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي، ان سان سٺا لاڳاپا قائم آهن، وزيراعظم عمران خان  پهريان ايران جي دوري تي  ويندو.

هن چيو ته  25 اپريل تي وزيراعظم  صدر شي جنگ پنگ جي دعوت تي چين جو دورو ڪندو ،جتي هو بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان خاص هوندو.

هن چيو ته چين جي دوري دوران وزير اعظم چين جي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو.

هن چيو ته افغانستان بابت وزير اعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو،افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرپٽ ماڻهو ڪنهن به پارٽي ۾ هجن، انهن خلاف نيب کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي،نيب خودمختيار ادارو آهي،اهو ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*