باڊھ شھر ۾ٽن ٻارڙن سميت مبينا طور اغوا ڄاڻايل عورت جي ڪيس ۾پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

باڊھ شھر ۾ٽن ٻارڙن سميت مبينا طور اغوا ڄاڻايل عورت جي ڪيس ۾پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جي اهڙي ڪارروائي خلاف متاثر ڌر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

 بروهي پاڙي مان هفتواڳ ٽن ٻارن سميت مبينا طور اغوا ٿي ويل عورت وحيده کوکر جي واقعي ۾ملوث ڄاڻايل نديم جوڻيجو کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

گرفتار جوابدار جي وراثن  محرم جوڻيجو بهادر ۽ مسمات زينب جوڻيجو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته عورت جي اغوا ۾ نديم جوڻيجو ملوث ناهي، پوليس کيس بنا جواز گرفتار ڪيو آھي.

هنن گهر ڪئي ته گرفتار نديم جوڻيجو کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*