قمبر ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

قمبر ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف علائقي واسين لالا واجد گوپانگ جي اڳواڻي ۾سينميا روڊ تي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته گذريل 6 مهينن کان گوپانگ پاڙي جو ٽرانسفار سڙيل آهي.

هنن چيو ته مسلسل سيپڪو آفيس جا چڪر ڪاٽڻ جي باوجود سيپڪو عملدار سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري نٿا ڏين، هو گرمي سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته گوپانگ محلي جو سڙيل ٽرانسفار تبديل ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*