فريدآباد ۾ چوڪيدار جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

فريدآباد ۾ چوڪيدار جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 20 ڏينهن اڳ ڪي اين شاھ ۾ قتل ٿي ويل آرا مشين جي چوڪيدار50 ورهين جي محمد عرس چانڊيو جي وارثن ممتاز علي، عاشق چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

هنن چيو ته مقتول عرس جو قتل ڪيس ڪي اين شاھ ٿاڻي تي جوابدارن مور چانڊيو، يامين ،شهاب الدين ۽ زهير  سراج چانڊيو خلاف داخل ڪرايو ويو.

هنن وڌيڪ چيوته پوليس قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*