ڪراچي  ۾ طوفاني هوائن زندگي جو ڪاروهنوار دانواڊول ڪري ڇڏيو

ڪراچي  ۾ طوفاني هوائن زندگي جو ڪاروهنوار دانواڊول ڪري ڇڏيو، مختلف هادثن ۾ ٻن ٻارڙين سميت 3 ڄڻا فوت   ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، طوفاني هوائن سبب بجلي ، ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سروس به متاثر ٿي آهي، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي ڦڙ ڦڙ به ٿي آهي.

ڪراچي ۾ گذريل رات کان شروع ٿيل مٽي جي طوفان جو سلسلو ٿوري وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي ويو ۽ هوا سان گڏ ڦڙ ڦڙ به پئي.

مٽيءَ سان گڏ هوائن سبب اڏامون به متاثر ٿيون آهن، جنهن ڪري ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامن جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب حاجي مريد ڳوٺ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ورهين جي  ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پيپلز چورنگي وٽ وڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

ٽيپو سلطان روڊ تي اسڪول جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 شاگرد زخمي ٿي پيا. لانڍي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ، جڏهن ته سرجاني ٽائون ۾ به گهر جي ڇت ڊهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

   چاڪيواڙا ۾ به مدرسي جي ڇت ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ مولي زخمي ٿي پيو، زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا شهرين کي هوا ۽ برسات دوران بجلي جي پولن جي ويجهو وڃڻ کانب پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هوڏانهن موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان هلڪي برسات ۽  طوفاني هوا جو سلسلو سڀاڻي شام تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*