مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ڪنهن جي ڌيئرن کي نوٽيسز ملڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي

مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ڪنهن جي ڌيئرن کي نوٽيسز ملڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اسان جي ڌيئرن کي به نوٽيسز مليا هئا، اسان به انهن نوٽيسز جا جواب ڏنا هئا.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت چيو ته موجوده حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کپي، حڪومت کي ڪيرائڻ خلاف سازشون ناڪام ٿينديون، وزيراعظم  عمران خان سان اسان جو تعاون جاري رهندو.

هن چيو ته مهانگائي جو الزام ڪنهن هڪ شخص تي مڙهڻ ٺيڪ ناهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جا اسان سڀ ذميوار آهيون ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي، الزام هڻڻ سان عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.

چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ هو ته حڪومتي يا اپوزيشن ميمبرز کي نيب طرفان ملندڙ نوٽيسز تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*