ايران مان بلوچستان ۾ برساتن جو سسٽم داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

ايران مان بلوچستان ۾ برساتن جو سسٽم داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، ٺٽو، تنگواڻي، ۽ ٻين شهرن برسات سبب فصل کي نقصان پهتو آهي.

لاڙڪاڻو، سکر، دادو، ٺل، تنگواڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته فصل ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي.

ڪرمپور ۾ ڳڙي سان طوفاني برسات سبب نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته ڪڻڪ جي تيار فصل کي به نقصان پهتو آهي.

ٻئي طرف برسات سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي، طوفاني هوائون گهلڻ سبب ڪيترائي وڻ پاڙا پٽجي ويا آهن، جڏهن ته لابارو ڪيل ڪڻڪ سميت ٻين فصلن ۽ باغن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

ٺٽي ضلعي اندر خاص ڪري ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ انساني زندگي مفلوج بڻجي ويئي آهي.

 طوفاني هوائون ٻن ڏينهن کان جاري رهڻ جي ڪري ڪکاون گهرن جون ڇِتيون اُڏامي ويون، وڻ توڙي بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا،بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.

ٻئي طرف طوفاني هوائن سبب ٺٽي ضلعي اندر زرعي معيشيت کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، کرن ۾ پيل ڪڻڪ پوکيل فصل پڻ سخت متاثر ٿيا آهن.

نئون ڪوٽ  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽي جي طوفان سبب ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي، جڏهن ته انبن جي باغن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جنهن سبب انبن جي واپارين کي لکين روپين جي نقصان ٿيڻ جو خدشو  آهي.

سن ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مٽي جو طوفان سبب  ڪکاوان  گهر ۽  جهوپڙيون ڪري پٽ ٿي ويون، جڏهن ته بجلي جو نظام درهم برهم  ٿي ويو .

رتوديو صبح سوير موٽر سائڪل تي لاڙڪاڻي کان رتوديرو ايندڙ رتوديرو شھر جو رهواسي نوجوان وسيم اوڍو مٽي جو طوفان هجڻ سبب بنگل ديرو باءِ پاس تي پيل مٽي جي ڍير تي لڳو جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

ڳڙهي خيرو ويجهو ڳوٺ جعفر آباد بليدي ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻه عورتون ۽ 2 مرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*