ڏڪار سَٽيل ڏيهه ٿر ۾معصومن تان موت ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا

ڏڪار سَٽيل ڏيهه ٿر ۾معصومن تان موت ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ سال دوران فوتي ٻارن جو تعداد وڌي 255 ٿي ويو.

خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب سول اسپتال مٺي ۾ 2 ٻارن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڳوٺ ساڪري واسي مڪيش ميگهواڙ جو هڪ ڏينهن جو پٽ ۽ ڳوٺ ايدي جو تڙ واسي ڪريم جوڻيجو جي ٽن مهينن جي ڌي رخسانه شامل آهن.

هلندڙ سال دوران غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 255 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*