پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شادي اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا تعليم يافته، ذهين ۽ کل مک هوندي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شادي اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا تعليم يافته، ذهين ۽ کل مک هوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته ان جي منهنجي ڀينرن سان هم آهنگي هوندي. اهڙو اظهار هن “دي ڪرنٽ” نالي هڪ ويب ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو  دوران ڪيو.

بلاول انٽرويو دوران پنهنجي هيئر اسٽائيل، ڊريسنگ ۽ پسنديده کاڌن بابت پڇيل سوالن جا جواب به ڏنا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته کيس پلاءَ جي ڀيٽ ۾ برياني وڌيڪ پسند آهي، پر سندس لاءِ سڀ کان وڌيڪ مزيدار ڊش حليم آهي. هن چيو ته صبح هجي يا رات مون کي حليم ئي وڌيڪ وڻندو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته آئون ڪراچي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي اطلاع ڪرڻ کانسواءِ رات جي وقت ڪراچي ۾ گهر مان ٻاهر نه نڪتو آهيان…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*