نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال اڄ نيب لاهور بيورو جو دورو ڪري رهيو آهي

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال اڄ نيب لاهور بيورو جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي کيس انڪوائريز ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو.

ذريعن موجب نيب چيئرمين نيب لاهور ۾ ڪيسز جي جاچ خاص طور ميگا ڪرپشن ۽ وائٽ ڪالر ڪيسز تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال لاهور ۾ شريف ڪٽنب خلاف هلندڙ ڪيسز ۽ حمزه شهباز جي الزامن جو جائزو وٺندو.

ان کان علاوه نيب چيئرمين کي حمزه شهباز جي الزامن ۽ جاچ تي اثر انداز  ٿيڻ واري معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب نيب لاهور ۾ شريف ڪٽنب جي عورتن جي پيشي بدران تفصيلي سوالنامو موڪلڻ تي به غور ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*