اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون لاهور جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ دل ۽ گڙدن سميت مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون لاهور جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ دل ۽ گڙدن سميت مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون، نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته نواز شريف جو هارٽ اسٽروڪ وڌي رهيو آهي، ضرورت پوڻ تي کيس اسپتال ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو.

سپريم ڪورٽ مان طبي بنيادن تي ضمانت ماڻيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور جي شريف ميڊيڪل اسپتال پهچي مختلف ٽيسٽون ڪرايون.

ذريعن موجب نواز شريف جي دل، گڙدن ۽ ٻين مرضن جون ٽيسٽون ڪيون ويون.

ان حوالي سان نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته نواز شريف جو هارٽ اسٽروڪ وڌي رهيو آهي، سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، سندس علاج جَي حوالي سان وڌيڪ مشاورت به ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽر عدنان چيو ته ضرورت پوڻ تي نواز شريف کي اسپتال ۾ به داخل ڪري سگهجي ٿو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*