پاڪستان خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيل وڌيڪ هڪ سئو ڀارتي مهاڻن کي ڀارتي سڪيورٽي فورسز حوالي ڪري ڇڏيو

پاڪستان خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيل وڌيڪ هڪ سئو ڀارتي مهاڻن کي ڀارتي سڪيورٽي فورسز حوالي ڪري ڇڏيو.

ملير ڊسٽرڪٽ جيل ڪراچي مان خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيل هڪ سئو ڀارتي مهاڻن کي ڪراچي مان پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين ذريعي لاهور پهچايو ويو.

مهاڻن کي خاص بسن ذريعي واهگا بارڊر پهچايو ويو، جتان پاڪستان رينجرز جي اختيارين ڀارتي مهاڻن کي انڊين سڪيورٽي فورسز حوالي ڪيو.

ڀارتي مهاڻن جا ڪراچي کان لاهور تائين جا سفري خرچ ايڌي فائونڊيشن پاران ادا ڪيا ويا، ان کان علاوه ايڌي فائونڊيشن پاران ڀارتي مهاڻن کي تحفا پڻ ڏنا ويا.

واضح رهي ته وڌيڪ 100 ڀارتي مهاڻڻ کي 22 اپريل ۽ 55 قيدين کي 29 اپريل تي پڻ آزاد ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*