نئون ديرو ۽ ڪنري سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو

نئون ديرو ۽ ڪنري سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري، سن ڪوٽا ۽ٽائيم اسڪيل سميت سمورا جائزمطالبا فوري طور منظور ڪيا وڃن.

پيراميڊيڪل اسپٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

نئون ديرو اسپتال ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتال اندر ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته عملي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  به هنيو ويو.

ضمير لاکو، جبار جلباڻي، غلام رسول، گرڌاري لال ۽ ٻين چيو ته فوري طور اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.

هنن چيو ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري، سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، هيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

ٻئي طرف سڄي سنڌ جيان تعلقہ اسپتال ڪنري جي پيراميڊيڪل عملي پاران به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن سبب ايندڙ مريضن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*