ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جماعت اسلامي اڳواڻ وزير احمد چنا، ذوالفقار علي ملڪ، غوث بخش ڪلوڙ مولوي لطف جکراڻي استاد رحيم بخش سولنگي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي جماعت اسلامي اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ گذريل ڏينهن جماعت اسلامي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري جي پٽ تنوير ميراڻي کان ھٿيار جي زور تي گهر اڳيان نامعلوم جوابدارن موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ آساني سان فرار ٿي ويا.

اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڪا به تڪڙي ڪارروائي ڪري جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ جوابدار جلد گرفتار ڪري موٽر سائيڪل واپس ڪئي  وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*