ٺل ويجهو نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو

ٺل ويجهو نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان  کي فون آئي، جنهن بعد  هو هليو ويو ويو، واپس گهر ناهي آيو.

ڳوٺ نيڪ محمد پهوڙ جو رهواسي اياز احمد پهوڙ عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو، جنهن سبب وارث پريشان ٿي ويا.

نوجوان جي وارثن موجب اياز احمد پنهنجي مامي شمن پهوڙ سان گڏ ويو هو جتان کيس عورت ۽ مرد وٺڻ آيا، ڪافي ٽائيم گذرڻ باوجود نه موٽيو ۽  هاڻ فون پڻ بند آهي.

وارثن  چيو ته شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان اهڙو اطلاع ڪنڌڪوٽ پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي،  نوجوان جي بازيابي جي اپيل ڪئي.

ٻئي طرف نوجوان جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون به جاري آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*