سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌا رڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾هڪ پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا فوت  ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌا رڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾هڪ پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا فوت  ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نينگري ۽ ٻن عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ميرپورخاص جي کپرو ناڪي وٽ تيز رفتار ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ سبب سيال ڪالوني واسڻ عورت ڀانا ڪهيري ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي  پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 انڊس هاءِ وي تي ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ 7 ڪلاس جو شاگرد مير ابڙو، احسان ابڙو، ناري صغران چانڊيو، ثمينه۽ غلام حيدر  چانڊيو شامل آهن.

زخمين مان ٻن عورتن ۽ هڪ نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ٻئي طرف ڪوٽ غلام محمد ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو شاهه محمد مري ۽ مير خان سخت زخمي ٿي پيا.

نصرپور ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ورهين جو نينگر ايان فوت ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*