پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پ پ اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پ پ اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پيٽي آءِ جي حڪومت انتقام ۾ انڌي ٿي چادر ۽ چئو ديواري جي تقدس کي پائمال ڪري ڪري آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته پاڪستان جي قيام کان هن مهل تائين جيڪي به فاشسٽ حڪمران  آيا آهن انهن عوام کي اسلام ۽ ملڪ کي خطرن جي ڳالهه ڪري ڊيڄاريو آهي، پر اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي.

هن چيو ته ملڪ کي ڪو به خطرو ناهي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام ملڪ کي محفوظ بڻائي چڪو آهي، پوءِ به جيڪڏهن ڪو خطرو پيش آيو ته اپوزيشن پاڪ فوج سان گڏ بيٺل هوندي .

لطيف کوسا چيو آهي ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت انتقام ۾ انڌي ٿي چادر ۽ چئو ديواري جي تقدس کي پائمال ڪري ڪري آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*