سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا ۾ تبديلين ۽ ناڻي واري وزير اسد عمر کي هٽائڻ واري خبرن جـِي ترديد ڪندي چيو آهي ته نه ڪنهن وزير کي هٽايو پيو وڃي

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا ۾ تبديلين ۽ ناڻي واري وزير اسد عمر کي هٽائڻ واري خبرن جـِي ترديد ڪندي چيو آهي ته نه ڪنهن وزير کي هٽايو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن وزير جي قلمدان ۾ تبديلي جو امڪان آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وفاقي وزيرن جو قلمدان تبديل وزيراعظم جو صوابديد آهي پر وزيرن جي تبديلين جي حوالي سان هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

هن چيو ته ناڻي واري وزير اسد عمر کي هٽائڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اسد عمر آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ويل هو، ان ڪري ڪجهه ماڻهن اهڙيون خبرون هلائڻ شروع ڪيون آهن.

فواد چوڌري چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، وزيرن جي تبديلي بابت غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن، بنا تصديق جي اهڙيون خبرون هلائڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس سان معاملا بهتر وڃي رهيا آهن، پاڪستان جون سموريون ڏکيائيون حل ٿيڻ جي ويجهو آهن، تنهن ڪري اهڙيون خبرون هلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*