سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ اسڪولن کي گرمين جي موڪلن جي فيس اڳواٽ اوڳاڙڻ کان روڪي ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ اسڪولن کي گرمين جي موڪلن جي فيس اڳواٽ اوڳاڙڻ کان روڪي ورتو، عدالت چيو آهي ته سپريم ڪورٽ گذريل سال اوڳاڙيل هڪ مهيني جي فيس واپس ڪرائي هئي، گذريل سال سپريم ڪورٽ فيس واپس ڪرائي هئي ته پوءَ هيل ڇو ورتي پئي وڃي؟، جيڪڏهن ڪنهن اسڪول اڳواٽ فيس ورتي آهي ته ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جي فيس اوڳاڙي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پرائيويٽ اسڪولز جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اسڪول انتظاميا سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت فيس ۾ 20 سيڪڙو گهٽائي ڪئي آهي.

وڪيل چيو ته عام شاگردن سبب ڪابه پريشاني ناهي پر عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻين ۾ شامل والدين فيس ادا نه ڪري  رهيا آهن.

عدالت والدين کي فيس ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالت نه ٿي چاهي ته ڪنهن سبب جي ڪري ڪو اسڪول بند ٿئي توهان فيس جمع ڪرايو جيڪڏهن ڪو فرق پيو ته فيس واپس ڪرائي ويندي.

عدالت پرائيويٽ اسڪول انتظاميا کي گرمين جي اڳواٽ فيس وصول ڪرڻ کان روڪيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*