چمبڙ ۾ زئنور شاخ جي پُڇڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو

چمبڙ ۾ زئنور شاخ جي پُڇڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن نثار سريوال، عبدالله لغاري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾آبپاشي عملدار جو پتلو کڻي، دھل وڄائي ٽنڊوالھيار روڊ تي آبپاشي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدار پڇڙي جو پاڻي مُنڍ جي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، جنھن سبب پوڇڙ ۾ پاڻي نٿو اچي.

ھنن مطالبو ڪيو آهي ته شاخ تي رينجرز کي مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*