سانگهڙ ۾ مھينو اڳ جهيڙي دوران مارجي ويل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

سانگهڙ ۾ مھينو اڳ جهيڙي دوران مارجي ويل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سنجهوري ۾ مارجي ويل شير ڀٽي جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪئي.

مقتول جي والد حضور بخش ڀٽي، فقير خير محمد مھر ۽ ٻين چيو ته شير ڀٽي کي معمولي ڳالهه تان قتل ڪيو ويو، پر قاتل آزاد گهمي رهيا آهن.

هنن مطالبو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*