مسلم ليگ نون جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان چور دروازي سان معاهدا ڪيا پيا وڃن

مسلم ليگ نون جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان چور دروازي سان معاهدا ڪيا پيا وڃن، حڪومت رڳو خالي ٿانوَن جيان گوڙ ڪري رهي آهي، جلد حڪومت جي سيٽي وڄڻ واري آهي.

راولپنڊي ۾ ضمانت تي آزاد ڪيل ن ليگي اڳواڻ حنيف عباسي سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جِي نااهليءَ جَي ڪري ۾ واڌ ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان چور دروازي سان معاهدا ڪيا پيا وڃن، پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي.

هن چيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ن ليگي حڪومت کربين رپين ۾ منصوبا لڳايا پر خيبرپختونخواهه ۾ کربين رپيا لڳائي بي آر ٽي جي نالي تي رڳو کڏا کوٽيا ويا.

مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران ياد رکن، اهي ڪنٽينر تي ناهن، اسان جيل ڪاٽي سرخرو ٿياسين، موجوده حڪومت خالي ٿانوَن جيان آهي، خالي ٿانون رڳو ٺهڪو ڪندو آهي، حڪومت جي جلد سيٽي وڄڻ واري آهي.

هن الزام هنيو ته تحريڪ انصاف چوري جي پئسن مان هلي رهي آهي، جهانگير ترين کي مني لانڊرنگ ۽ عليمه خان کي بنا نالي واري ملڪيتن جو جواب ڏيڻو پوندو.

مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ جا 18 جعلي اڪائونٽس سامهون آيا آهن، جنهن جو ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو، فواد چوڌري کي چيلينج ڪيان ٿي، اهو پاپڙ وارن جي اڪائونٽس جا تفصيل ڏئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*