اسلام آباد انتظاميه، آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن جـِي احتساب عدالت آڏو پيشيءَ جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

اسلام آباد انتظاميه، آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن جـِي احتساب عدالت آڏو پيشيءَ جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن خلاف مبينا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي اسلام آباد جِي احتساب عدالت ۾ ٿيندي.

ان سلسلي ۾ احتساب عدالت جي رجسٽرار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي صدارت هيٺ سڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو ته جڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي.

ذريعن موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز جا 2 سئو جوان توڙي آفيسر به مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪنهن به اڻ واڳيل شخص کي احتساب عدالت ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي.

احتساب عدالت جي رجسٽرار اياز زبيري جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي معاملن تي سوديبازي نه ٿيندي، سڪيورٽي معاملن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*