هڪ هفتي اندر سمورن آبادگارن کي بارداڻو ملي ويندو، سيد قائم علي شاهه

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو هئڻ باوجود آبادگارن جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي خريداري جو هدف 11 لک ٽن رکيو ويو ۽ 50 رپيا في مڻ اگهه به وڌايو ويو، هڪ هفتي اندر سنڌ جي سمورن آبادگارن کي بارداڻو ملي ويندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ هئي ۽ ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي هئي، پ پ سرڪار جي پاليسين ۽ في مڻ جو اگهه 600 مان وڌائي 900 ڪرڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واڌ ٿي.

وڏي وزير چيو ته گذريل سال سنڌ سرڪار 12 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي، وفاقي سرڪار پاران يوڪرين مان ڪڻڪ گهرائڻ سبب سنڌ ۾ 9 لک ٽن جو ذخيرو بچي ويو.

هن چيو ته گهرج نه هئڻ باوجود سنڌ سرڪار امدادي اگهه ۾ 50 رپين جي واڌ ڪئي، پهرين خريداري هدف 9 لک ٽن رکيو پر آبادگارن جي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي خريداري هدف 11 لک ٽن ڪيو ويو.

اپوزيشن ميمبرن جي گوڙ ۾ خطاب ڪندي قائم علي شاهه چيو ته مخالف ڌر ڪو اشو نه هئڻ ڪري بارداڻي جو معاملو اٿاريو، هڪ هفتي اندر سنڌ جي هر آبادگار تائين بارداڻو پهچايو ويندو.

وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪمند جي آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ ۽ ڪمند جو مناسب اگهه ڏيارڻ لاءِ اڍائي ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*