پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شادي اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا تعليم يافته، ذهين ۽ کل مک هوندي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شادي اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا تعليم يافته، ذهين ۽ کل مک هوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته ان جي منهنجي ڀينرن سان هم آهنگي هوندي.

 “دي ڪرنٽ” نالي هڪ ويب ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو  ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هيئر اسٽائيل، ڊريسنگ ۽ پسنديده کاڌن بابت پڇيل سوالن جا جواب به ڏنا.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته کيس پلاءَ جي ڀيٽ ۾ برياني وڌيڪ پسند آهي پر کيس مزيدار ڊش حليم لڳندي آهي، صبح هجي يا رات کيس حليم ئي وڌيڪ وڻندو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته آئون ڪراچي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي اطلاع ڪرڻ کانسواءِ رات جي وقت گهر مان ٻاهر نه نڪتو آهيان…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*