وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏني ويندي.

ميڊيا رپورٽس مطابق وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،جنهن ۾ 17نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اوگرا جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي پگهارن بابت ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو،ان کانسواءِ وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ ڀرتي پاليسي جو به فيصلو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ صوبائي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ کي انويسٽي گيشن ايجنسي بنائڻ جي به منظوري ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينا  کي ملڪ ۾ رائج تعليمي نظام ۽  سڌارن بابت بريفنگ ڏني ويندي، ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام رائج ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون وينديون.

اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث نعمان حنيف کي گڏيل عرب امارتن جي حوالي ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينا  انفارميشن ڪميشن جي پگهارن ۽ ٻين رعايتن جي به منظوري ڏيندي.

اجلاس ۾ 2018 ۽ 19 جي سيزن لاءِ ڪڻڪ جي خريداري  جو جائزو ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*