پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ هڪ گهر ۾ لڪل دهشتگردن خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين آپريش دوران پنج دهشتگرد مارجي ويا

پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ هڪ گهر ۾ لڪل دهشتگردن خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين آپريش دوران پنج دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ هڪ فوجي جوان به شامل آهي.

سي سي پي او پشاور  قاضي جميل مطابق حيات آباد جي علائقي ۾ پنجن کان ستن دهشتگردن هڪ گهر تي قبضو ڪري ورتو،جن خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس ڪارروائي شروع ڪئي، جيڪا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي .

سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي کان اڳ آسپاس جا گهر خالي ڪرائي ڇڏيا،دهشتگردن ٽئين ماڙ تي پناهه ورتي هئي،جتان هو مورچابند ٿي سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري رهيا هئا.

سي سي پي او مطابق پهرين مرحلي ۾ سيڪيورٽي فورسز عمارت جي بيسمنٽ ۽ پهرين منزل کي ڪليئر ڪرايو.

دهشتگردن جي صحيح معلومات ۽ ٺڪاڻن جي نشاندهي لاءِ ڊرون ڪيمرائن جو به استعمال ڪيو ويو.

سي سي پي او  مطابق دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ پوليس جو اهلڪار قمر احمد شهيد ٿي ويو.

ان کان اڳ پوليس مقابلي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ڪمانڊوز سميت ٻيا عملدار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ پوزيشنز سنڀالي ڪارروائي ۾ حصو ورتو.ڪمانڊوز گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بڪتربند گاڏي استعمال ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*