احتساب ڪميش جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ کي سڀاڻي نيب راولپنڊي ۾ گهرائي ورتو آهي

احتساب ڪميش جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ کي سڀاڻي نيب راولپنڊي ۾ گهرائي ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽس مطابق نيب راولپنڊي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي سڀاڻي گهرائي ورتوآهي.

نيب پاران فريال ٽالپر کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جا سمن جاري ڪيا ويا آهن.

فريال ٽالپر کي جوائنٽ وينچر ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي.

واضح رهي ته فريال ٽالپر پنهنجي ڀاءَ سان گڏ اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پڻ پيش ٿي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر پهريان ئي اسلام آباد هائي ڪورٽ کان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*