بلوچستان جَي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جِي صورتحال سبب ٻن ٻارين سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا

بلوچستان جَي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جِي صورتحال سبب ٻن ٻارين سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، صوبي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو به وقفي وقفي سان جاري آهي.

ليويز ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙِي ۾ تيز برسات سبب هڪ گهر جِي ڇِت ڪري پئي، جنهن سبب 2 ٻار فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

تيز برسات سبب شهر ۾ سوريج جو نظام به درهم برهم آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته روڊن تي سوريج جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي روانگي به متاثر ٿي رهي آهي.

ٻي طرف ضلعي دُڪي جـَي ڊپٽي ڪمشنر موجب المبار ندي جـِي ٻوڏ جو پاڻي ڪلي مانزئي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته نڙئي سئي ندي ۽ پلياني ۾ به وڏو ٻوڏ جو وهڪرو گذري رهيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر موجب المبار ندي جَي ٻوڏ جو پاڻي ڪلي مانزئي ۾ داخل ٿيڻ سبب ڪيترن ئي گهرن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته بارکان جي علائقي رت هَن ندي ۾ ٻوڏ جي هڪري ۾ لُڙهي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

انتظاميه موجب شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.

ايريگيشن اختيارين موجب برسات سبب مانڪئي ڊيم ۾ پاڻي جي سطح حد کان وڌي وئي آهي ۽ ڊيم جي اِسپل وي مان پاڻي جو نيڪال شروع ٿي ويو آهي.

هوڏانهن هرنائي ۾ پنجن ڏينهن کان مسلسل وقفي سان برسات جو سلسلو به جاري آهي، رابطه واري پل لُڙهي وڃڻ سبب برنائي پنجاب روڊ به بند ٿي ويو آهي.

هوڏانهن چمن، پشين، هرشور، خانوزئي، مسلم باغ، لولارائي، موسيٰ خيل، توبه اچڪزئي ۽ قلعه عبدالله سميت ٻين علائقن ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*