نيب لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي گهر واري ۽ ڌيئرن کي سمن منسوخ ڪرڻ کانپوءِ کين گهر تي ئي سوالنامون موڪلي ڇڏيو آهي

نيب لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي گهر واري ۽ ڌيئرن کي سمن منسوخ ڪرڻ کانپوءِ کين گهر تي ئي سوالنامون موڪلي ڇڏيو آهي.

نيب ذريعن مطابق شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز، نياڻي جويريا ۽ رابعا کي پوسٽ ذريعي سوالنامون موڪليو آهي، جنهن ۾ مبينا مني لانڊرنگ ۽ بينڪن ۾ ايندڙ رقم جا تفصيل معلوم ڪيا آهن.

نيب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 17 اپريل تي نصرت شهباز 18 ۽ 19 تي جويريا ۽ رابعا کي طلب ڪيو آهي،جڏهن ته نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي هدايت تي طلبي جا نوٽيس منسوخ ڪيا ويا ۽  کين سوالنامون موڪلي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*