ڀارت اشرف غني جي افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن واري عزم جي حمايت ڪري ٿو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي

افغانستان جي صدر اشرف غني ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪري ٽه ملڪي راهداري سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت پهتل افغان صدر اشرف غني نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ايران، افغانستان ۽ ڀارت جي ٽه ملڪي راهداري جي منظوري، ٻطرفن لاڳاپن سميت، دهشتگردي جي خاتمي، خطي جي سلامتي صورتحال توڙي دفاعي سهڪار ۽ هٿيارن جي فراهمي بابت ڳالهيون ويون.

ملاقات بعد ڀارتي وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اشرف غني خوفناڪ زلزلي جي تباهي تي نيپالي حڪومت سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو ته آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي توڙي عالمي سطح تي متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي.

اشرف غني جو چوڻ هو ته خطي ۾ سهڪار جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي کي سٺي ۽ بري درجن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، اسان جي ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن تي دهشت جي پاڇو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهڻو پوندو ۽ اها جنگ کٽڻي آهي.

ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ هو ته ڀارت صدر اشرف غني جي افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن واري عزم جي حمايت ڪري ٿو، هو افغان عوام سان ملڪ جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏ بيٺا آهن.

هن چيو ته افغان فورسز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڀارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، جڏهن ته افغان ٻارن تي سندن خاص ڌيان آهي، جن لاءِ اسڪول توڙي صحت جي سهولتن لاءِ اسپتال ڏنو ويو آهي.

نريندر مودي جو چوڻ هو ته افغانستان ۽ ڀارت جا دهشتگردي وارا زخم ساڳيا آهن، افغان آئين تحت حڪومت جي ڪاميابي جي ڀارت حمايت جاري رکندو.

وزيراعظم مودي جو چوڻ هو ته افغانستان ۽ ڀارت جو ناتو رڳو ٻن ملڪن جو ناتو نه آهي پر اسان جون دليون گڏيل آهن.

ان کان اڳ صدر اشرف غني نئين دهلي پهتو ته صدارتي محل ۾ ڀارتي صدر پرناب مکرجي ۽ وزيراعظم نريندرا مودي سندس شاندار آجيان ڪئي.

افغان صدر اشرف غني ننڍي کنڊ جي اڳوان مهاتما گانڌي جي سماڌي تي به حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

افغان صدر اشرف غني دوري دوران ڀارتي قيادت سان سيڙپڪاري، تجارتي رستن ۽ هٿيارن جي وڪري سميت پاڪستان ۽ چين سان لاڳاپن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*