ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي.

نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ جو اڄ ٻيو ڏينهن آهي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن هيٺ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

صبح جي سيشن ۾ سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ سان گڏ فيلڊنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي،جڏهن ته شام جو رانديگرن نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.

قذافي اسٽيڊيم ۾جاري قومي ٽيم جي ٽريننگ سيشنز دوران سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين انضمام الحق ڪميٽي جي ٻين ميمبرز سان گڏ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو رهيو.

اڄ ٻئي ڏينهن به سمورا رانديگر ٽريننگ سيشن شريڪ آهن.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو ،جڏهن ته ورلڊڪپ لاءِ ٽيم 23تاريخ تي انگلينڊ رواني ٿيندي.

——————

ايندڙ مهيني انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ايونٽ ورلڊڪپ شيڊيول آهي ۽ مختلف ملڪن جا اڳوڻا رانديگر پنهنجي فيوريٽ ٽيمن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پاڪستان جي اڳوڻڻ رانديگرن پڻ پنهجي ٽيم سليڪشن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتانن وسيم اڪرم، وقاريونس، رميز راجه ۽ بازيد خان بعد سعيد اجمل ورلڊڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ٺاهي آهي.

سعيد اجمل جي 15رڪني ٽيم ۾ ڪپتان سرفراز احمد، بابر اعظم،فخرزمان، حسن علي، فهيم اشرف، محمد حفيظ، محمد عامر، حارث سهيل، عماد وسيم، امام الحق، شعيب ملڪ، شاداب خان، عثمان شنواري، شاهين شاهه آفريدي ۽ آصف علي شامل آهن.

——————-

پاڪستان جي آسٽريليا ۾ نائيٽ ٽيسٽ ميچز کيڏڻ ۾ دلچسپي ختم ٿيڻ لڳي آهي ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا پي سي بي کي مڃائڻ جي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ايڊيليڊ ۾ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مهمان سائيڊ لاڳاتار انڪار ڪري رهيون آهن.

گذريل سال ڀارت گلابي بال سان نائيٽ ٽيسٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا کي اميد آهي ته هلندڙ سال پاڪستاني ٽيم ايڊيليڊ ۾ نائيٽ ٽيسٽ ميچ کيڏندي.

——————-

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بلوچستان ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري لاءِ هڪ قدم اڳتي ڪندي ته بلوچستان حڪومت پنج قدم اڳتي وڌائيندي.

ڄام ڪمال خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني سان ڪوئٽه ۾ ملاقات ۾ چيو ته پي سي بي صوبي ۾ ڪرڪيٽ جي ٽيئلنٽ کي ڳولهڻ ۾ سندن مدد ڪري ۽ڪلب ڪرڪيٽ کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪري.

ملاقات ۾ بلوچستان ۾ ڪرڪيٽ  کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڪوئٽه ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو بنياد وجهڻ سان گڏ ِضلعي ليول تي ڪوچنگ ذريعي بلوچستان جي نوجوان رانديگرن جي صلاحيتن کي سامهون آندو وڃي.

ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته پي سي بي کي صوبائي سطح تي کڻي پيا اچو۽صوبائي ٽيمون جوڙيون وينديون،جنهن پيٽرن ان چيف صوبي جو وڏو وزير هوندو.

——————-

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ سال انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ 15رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مطابق فاسٽ بالر مشرفي مرتضيٰ ميگا ايونٽ ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي قيادت ڪندو،جڏهن ته شڪيب الحسن نائب ڪپتان هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*