موهن جو دڙو ڀرسان ناري پرهه جوڻيجو جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي

موهن جو دڙو ڀرسان ناري پرهه جوڻيجو جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پوليس طرفان ڪيس ۾نامزد جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف متاثر ڌر احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳوٺ يارو لاکير ۾مبينا طور اغوا ڄاڻايل پرهه جوڻيجو جي ڀاءُ جاويد جوڻيجو جوابدار نويد جوڻيجو ۽ ٻين خلاف سيهڙ ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪرايو.

سيهڙ پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود مک جوابدار نويد جوڻيجو کي گرفتار نه ڪري سگهي.

 مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري جي بازيابي لاءِ سندس ڀاءُ جاويد جوڻيجو ۽ ٻين وارث عورتن توڙي مردن  قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ناري جي ڀاءُ چيو ته جوابدار نويد جوڻيجو مائٽ آھي، جيڪو پرهه سان شادي لاءِ زور ڀريندو هو، انڪار ڪرڻ تي هو ڀيڻ کي اغوا ڪري ويو آھي.

هن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*