ٺاروشاھ ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاھ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي

ٺاروشاھ ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاھ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.

ساجده عباسي، فرزانا ميمڻ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي ساجده عباسي ۽ ٻين چيو ته اسان ڳوٺن ۽ شھرن ۾ گهر گهر وڃي پابندي سان ڊيوٽي سر انجام ڏينديون آهيون پر سنڌ حڪومت جو اسان ڏانهن ڪوبه ڌيان نه آهي.

هنن چيو ته اسان کي ڇھه مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا وڃن.

ھنن چيو ته جيڪڏهن اسانکي پگهارون نه مليون ۽ جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته ايندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏينداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*