وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ زرداري ۽ شريف مان ٻاهر نڪرن

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ زرداري ۽ شريف مان ٻاهر نڪرن، ٻئي جماعتون نئين بيانئي تي ڌيان ڏين.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾  فواد چوڌري چيو ته ڪرپشن ڪيسز جي ڪري گهٻرايل قيادت ٻنهي جماعتن جو مستقبل اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم جي خاتمي ۽ صدارتي نظام رائج ڪرڻ وارا بحث غير سنجيده آهن.

هن چيو ته  ٻنهي پارٽين جي قيادت پاران ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙن غير سنجيده بحثن هٿي ڏئي رهي آهي، پر ان مان ڪجهه به نه ورندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*