اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ اڳواڻ  فريال ٽالپر جوائنٽ وينچر ڪيس ۾ نيب ۾ پيشي کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ اڳواڻ  فريال ٽالپر جوائنٽ وينچر ڪيس ۾ نيب ۾ پيشي کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي، نيب پاران فريال ٽالپر کي سوالنامون ڏنو ويو،جن ۾ 15 ڏينهن اندر 22  سوالن جا جواب گهريا ويا آهن.

پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر  کي جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ نيب آفيس ۾ پيش ٿي.فريال ٽالپر جو جوائنٽ وينچر ڪيس  ۾ بيان ريڪارڊ ڪيو ويو، ڊي جي نيب عرفان منگي  فريال ٽالپر جو بيان ريڪارڊ ڪيو.

ڊي جي نيب سان گڏ چار جاچ ڪندڙ عملدار موجود هئا.ذريعن مطابق  فريال ٽالپر کان هڪ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.

نيب پاران فريال ٽالپر کي  سوالنامون ڏنو ويو ۽  15 ڏينهن ۾ 22 سوالن جا جواب  داخل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*