دادو ۾ پيرسن بيواهه عورت نافرمان پٽ جي تشدد ۽ ڌمڪين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

دادو ۾ پيرسن بيواهه عورت نافرمان پٽ جي تشدد ۽ ڌمڪين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، مسمات وزيران چيو آهي ته سندس پٽ مولابخش 8 جريب زمين حاصل ڪرڻ لاءِ مٿس ظلم ڪري رهيو آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي.

دادو ۾ الشريف ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن بيواهه عورت وزيران نافرمان پٽ جي تشدد ۽ ڌمڪين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.

درخواست ۾ پيرسن عورت موقف اختيار ڪيو ته منهنجو پٽ مولابخش 8 جريب زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آھي.

هن چيو ته پٽ ڪڏهن مونسان وڙھي ٿو، ڪڏھن منهنجي ننڍي پٽ ياسين ۽ پوٽي سان به ظلم ڪري ٿو، ڪيس به داخل نه پيو ڪيو وڃي.

پيرسن عورت چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويس ته منهنجو پٽ مون تي تشدد ڪيو، انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سيشن جج جاچ جا حڪم ڏيندي ايس پي ڪمپلين سيل کي ڪاروائي جي هدايت ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*