سنڌ جي مختلف شهرن ۾مطالبن جي مڃتا لاءِ پيرا ميڊيڪل عملو سراپا احتجاج بڻيل آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾مطالبن جي مڃتا لاءِ پيرا ميڊيڪل عملو سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي، شهدادپور ۽ ٻين شهرن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران اسپتالن ۾او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سبب مريضن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو.

حيدرآباد ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين چيو ته سنڌ حڪومت ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽريڪچر سميت سمورا مطالبا تسليم ڪري.

شھدادپور ۾ انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب ڏورانهن علائقن کان ايندڙ مريضن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو.

پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان سمورن شعبن جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محمد حنيف باريجو، شاهد محمود، خالد ڌاريجو، آفتاب خاصخيلي، راجا احمد نواز پنهور، ۽ ٻين چيو ته اسان جا جائز مطالبا منظور ڪرڻ بجاءِ اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي.

نئون ديرو اسپتال جي پيراميڊيڪل عملي پاران ٽئين ڏينهن به او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري اسپتال جي تالابندي ڪئي وئي، جنهن ڪري اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدريءَ جو شڪار بڻيل رهيا، جڏهن ته ڪيترائي غريب مريض پرائيويٽ ڪلينڪن تان علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

خانپور ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي سروس اسٽريڪچر ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازمن او پي ڊي جو 2 ڪلاڪ بائيڪاٽ ڪري شمس الحق ابڙو، احسان شر، يعقوب ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپور استال کان ٽيڪسي اسٽينڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*