فيض گنج ۾ آبادگارن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

فيض گنج ۾ آبادگارن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سياسي سماجي، آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن منصور کنڊ، عطا شر، مصدق ميمڻ، هادي بخش شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري مرڪز نه کولي آبادگارن سان زيادتي ڪري رهي آهي.

هن چيو ته مارڪيٽ ۾ واپاري سرڪاري اگهه کان 700 رپيا گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب فصلن تي ڀاڙيندڙ آبادگار قرض لاهڻ بدران ويتر قرضي ٿي رهيا آهن.

آبادگارن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪڻڪ خريداري جا سينٽر  کولي آبادگارن کي نقصان ٿيڻ کان بچايو  وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*